ساڀي واري ڍنڍ

ساڀي واري ڍنڍ: اوائلي ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ ڍنڍ ڳوٺ حفيظ انڙ، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ وا قع آهي. هن ڍنڍ جو ذڪر نامور تاريخدان ميرڪ يوسف پنهنجي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ 125 صفحي تي ”ڪولاب صابه“ جي نالي سان ڪيو آهي. دريا هي پاڻي بند ٿيڻ ڪري هتي به سم جو پاڻي آهي. هيءَ ڍنڍ هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. البته هن ڍنڍ جا آثار سڪرنڊ کان اولهه طرف ڏ هن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ راهب شاهه کان اتر پاسي ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو